ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم ۾ نئين تنظيم سازي تان ڏڦيڙ ڪارڪنن جو احتجاج، گورنر خلاف نعريبازي، پارٽي پڌرائي موجب متحده چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي هاڻ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ۽ پاليسي معاملن جي نگراني ڪندو، جڏهن ته سينٽرل ڪاميٽي کي ڊاڪٽر فاروق ستار، انيس قائمخاني ۽ امين الحق ڏسندا تنظيمي ڪاميٽي جون ذميواريون انيس قائمخاني، رضوان بابر ۽ امين الحق وٽ رھنديون، جڏهن ته مصطفيٰ ڪمال، فيصل سبزواري ۽ رضوان بابر وري ليبر ڊويزن جا معاملا ڏسندا، عورتن جي شعبي جي ذميواري نسرين جليل، انيس قائمخاني ۽ ڪيف الورا وٽ ھوندي، جڏهن ته يوٿ فورم جي ذميواري مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار ۽ فيصل سبزواري وٽ ھوندي، سوشل ميڊيا ۽ واپارين جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ پڻ ڪاميٽي جوڙي وئي ھوڏانھن ايم ڪيو ايم قيادت پاران مجموعي طور 25 ڪاميٽين جي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کانپوءَ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن وڏي تعداد ۾ بھادرآباد پھتا، جتي ڪارڪنن احتجاج ڪرڻ سان گڏ ھڪٻئي تي الرون پڻ ڪيون ذريعن موجب تازن اڀريل اختلافن ڪري ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جو انضمام پڻ خطري ۾ پئجي ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته ڪارڪنن سنڌ جي گورنر خلاف نعريبازي پڻ ڪئي، جڏهن ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي آفيشل واٽس ايپ گروپن مان پڻ ليفٽ ( نڪري ) ٿي چڪاآهن.