ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن خلاف جاري ڌرڻن جي ايم ڪيو ايم حمايت ڪري ڇڏي، پ پ مخالف اتحاد کي عوام دوست اتحاد جو نالو ڏئي، پ پ مخالف ڌرين کي گڏ ڪرڻ، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرست جماعتن وچ ۾ ويڇا ختم ڪرائڻ لاءِ جي ڊي اي سرگرم، ان حوالي سان ڪالهه جي ڊي اي جو وفد ايم ڪيو ايم مرڪز بهادر آباد پهتو، ڊاڪٽر صفدر عباسي جي سربراهي ۾ پهتل وفد ۾ عرفان الله مروت، سردار رحيم، حسنين مرزا، خواجا نويد ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاران ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال، جاويد حنيف، رعنا انصار ۽ خواجا اظهار وفد سان ڳالهيون ڪيون، جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ڪراچي رڳو ايم ڪيو ايم جو نه پر اسان سڀني جو آهي، پ پ جي 15 سالا دور حڪومت ۾ سنڌ سميت پوري ملڪ کي هر حوالي سان نقصان ٿيو آهي، انهي سلسلي مان جان ڇڏائڻ لاءِ نگران حڪومت جي هر قدم تي نظر رکون پيا، ايم ڪيو ايم سان گڏجي سنڌ جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪريون پيا، جي ڊي اي جي اتحاد ۾ شامل 5 پارٽين ۾ ايس يو پي ۽ قومي عوامي تحريڪ قومپرست پارٽيون آهن، جن جا اڳواڻ به اڄ هتي آيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ محبت عام ٿئي ۽ نفرتن جي سياست ختم ٿئي، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرستن جي وچ ۾ ويڇا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا،تعصب جي سياست اڳي پ پ ۾ به نه هئي پر هاڻي پ پ ڪري ٿي. هن چيو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن جو مطالبو ڪندڙن آدمشماري جي منظوري وقت ڇو ڪون ڳالهايو؟ آدمشماري ۾ ڪراچي جي آبادي وڌڻ تي خوشي ٿي آهي پر حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ سکر جي آبادي گهٽ ٿيڻ تي مراد علي شاه ڇو خاموش هو؟ اسين چاهيون ٿا ته شفاف اليڪشن ٿئي، سنڌ ۾ بدامني ۽ اغوا جي وارداتن خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ شرڪت لاءِ پڻ ايم ڪيو ايم قيادت کي چيو آهي، ڊاڪٽر مصطفيٰ ڪمال چيو ته هن وقت جيڪا مهانگائي آهي انهي جي ذميوار نگران حڪومت ناهي، آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت جي ڪيل معاهدن کي ڀوڳيون پيا ۽ هاڻي سمجهڻ گهرجي ته گذريل 15 سالن کان جيڪو سنڌ ۾ طرز حڪمراني رهي آهي پاڪستان اهڙي ڪنهن به ايڊوينچر کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي، سنڌ هلندي ته پاڪستان هلندو، سنڌ جي ڪراچي کان ڪشمور تائين حالت خراب آهي، ملڪ ۾ 23 سو ارب روپين جو رڳو پاور سيڪٽر ۾ خسارو آهي، انهي ۾ بجلي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران بل جمع ڪرائيندڙن تي اضافي چارج لڳائي وئي آهي، هاڻي سڄو نظام بدلڻو پوندو، هن چيو ته اسين پ پ مخالف اتحاد نه پر عوام دوست اتحاد قائم ڪري رهيا آهيون، پ پ عوام جي خلاف ڪم ڪيو آهي، پنهنجي نظرئي سان اليڪشن وڙهون ٿا ۽ عوام اسان جي نظرئي کي سمجهي ٿو، جيڪڏهن عوام پ پ کي وري مينڊيٽ ڏنو ته انهن سان ڳالهائي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ جو اسين عمران خان واري سياست نٿا ڪريون، جهموري ماڻهو آهيون عوام جي لاءِ حڪومت ۾ ويهڻ نه ويهڻ اهو سڀ ڪري سگهجي ٿو، ايندڙ حڪومت سنڌ ۾ جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جي هوندي، اسان گذريل 30 سالن ۾ ٽي ڀيرا اهڙي حڪومت قائم ڪري چڪا آهيون، . سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر اعجاز چوهاڻ تي سڀني کي اعتراض آهي ته اهو غير جانبدار ناهي. هن چيو ته اسين ته چاهيون ٿا ته اليڪشن 60 ڏينهن ۾ ٿئي پر پ پ پاران آدمشماري ۾ دير ڪئي وئي ۽ انهي کانپوءِ هاڻي تڪ بندين توڙي نئين ووٽر لسٽن بعد اليڪشن ٿيندي، هن چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ اغوا جي وارداتن خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۽ ڌرڻن جي ايم ڪيو ايم حمايت ڪري ٿي، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته مغوي بازياب ڪرائي، اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.