ڪراچي : پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي انتظاميا نوٽيس وٺي ـ ناظم آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن  اسان جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو، جنهن جا فوٽيج موجود آھن، متحده وارا سينٽرل ضلعي کي پنهنجي جاگير  سمجھن ٿا، انھي ڪري اتي ڪنهن پارٽي کي جھنڊو به هڻڻ نٿا ڏين،  ڪالهه   بلاول ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ايم ڪيو ايم ھڪ ڀيرو ٻيھر متحده باني واري طرزسياست تي لھي آئي آھي مصطفيٰ ڪمال ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي تي را جي ايجنٽ ۽ پاسپورٽ ڦاڙڻ تي الزام ھنيا هئا ھاڻي وري اسان تي به ساڳيا الزام پيو ھڻي، ھن چيو ته ڊاڪٽر عاصم ۽ مسرور احسن سينٽرل ضلعي ۾ ڪافي ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم وارا سمجھن ٿا ته شفاف  اليڪشن ٿي ته انھن کي ھڪ به سيٽ نه ملندي،  انھي ڪري اھي ڄاڻي واڻي صورتحال خراب پيا ڪن، هن چيو ته واقعي جو ذميوار مصطفيٰ ڪمال آھي، سندس خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي.