لنڊن(م ڊ) متحده قومي موومينٽ جو باني پارٽي جي قيادت بعد لنڊن ۾ موجود جائداد به وڃائي ويٺو آهي. ايم ڪيو ايم جو باني الطاف حسين هڪ ڪروڙ پائونڊ جي پراپرٽي جو ڪيس لنڊن جي هاءِ ڪورٽ ۾ هارائي ويو آهي. لنڊن ۾ موجود 6 پراپرٽين ۾ الطاف حسين جي رهائشگاهه ۽ اڳوڻو انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ به شامل آهي. متحده اڳواڻ امين الحق ايم ڪيو ايم جي باني ۽ ٻين ٽرسٽين خلاف ڪيس ڪيو هو جنهن جو فيصلو هاءِ ڪورٽ آف جسٽس بزنس اينڊ پراپرٽي ڪورٽ آف انگلينڊ اينڊ ويلس جي جج ڪلائيو جونز ٻڌايو. فيصلي موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان لنڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنٽرول هيٺ 6 پراپرٽين جي اصل مالڪ آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ئي اصل ايم ڪيو ايم آهي ان جا ميمبر ئي ٽرسٽ ۽ جائدادن جا مالڪ آهن ايم ڪيو ايم جي باني جو موقف هو ته اصل ايم ڪيو ايم منهنجي آهي فاروق ستار جي هاءِ جيڪ ڪيل ايم ڪيو ايم اصل نه آهي.