ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ ۽ غير قانوني ٽرانزيڪشن واري ڪيس جي ٻڌڻي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ احمد علي پاران پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جوابدار جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت جوابدار جي ضامن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪندي چيو ته ڪيس جو چالان پيش ڪيو وڃي، جاچ آفيسر چيو ته ٻن هفتن ۾ چالان جمع ڪرايو ويندو، ياد رهي ته ڪيس ۾ ايم ڪيو جو باني ۽ بابر گوري اشتهاري آهن، جوابدارن خلاف سرفراز مرچنٽ پاران ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، جوابدارن تي سماجي تنظيم خدمت خلق جي اڪائونٽ جا ڪروڙين رپيا لنڊن موڪلڻ جو الزام آهي.