ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ بابت سمورين جاچ رپورٽن مان ثابت ٿئي ٿو ته ٽيسٽ شفاف ناهي ٿي، ٽيسٽ ٻيهر وٺي نتيجا مهيني اندرظاهر ڪريو، سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي جاچ ٽيم ۽ ايف آءِ اي (سائبر ڪرائيم) ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليڪ (آئوٽ) ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، ميڊيڪل جي شعبي ۾ داخلا واري ٽيسٽ ۾ اهڙي طرح جي غير شفافيت معاشري ۽ ميڊيڪل شعبي لاءِخطرناڪ رجحان آهي. فيصلي موجب تعليمي ادارن ۽ بورڊز ۾ ڪمزور ريگيوليٽري فريم ورڪ پيپر ليڪيج جو هڪ وڏو سبب آهي، جيڪي ٻار محنت ڪري رهيا آهن، انهن کي پيپر ليڪ ذريعي تعليم کان پري رکڻ مايوس ڪندڙ آهي, اهڙي طرح جي سليڪشن ميڊيڪل جي شعبي کي زوال ڏانهن وٺي ويندي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارن کي ٻارن ۾ ميرٽ کي ترجيح ڏيڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، شارٽ ڪٽ وارن شاگردن جي حوصلا شڪني ٿيڻ گهرجي، ٽيسٽ کي غير شفاف بڻائيندڙ ذميدارن خلاف سبق سيکارڻ واري ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، فيصلي موجب 2024 واري ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏيندڙ هر اميدوار کي فريش سمجهيو ويندو، ٻيهر ٽيسٽ ڏيندڙن جي مارڪن ۾ 10 سيڪڙو ڪٽوتي نه ٿيندي، عدالت ٽيسٽ جي نگراني لاءِ سنڌ حڪومت ۽ پي ڊي ايم سي کي گڏيل طور وجيلنس ٽيم جوڙڻ جو حڪم به جاري ڪري ڇڏيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو آهي ته ميڊيڪل جي داخلا لاءِ پرائيويٽ يونيورسٽيز کي ڇوٽ ڏيڻ بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي، سمورين يونيورسٽين ۾ برابري جي بنياد تي موقعو ڏيڻ لاءِ پي ايم ڊي سي قانون جو جائزو ورتو وڃي, عدالت پاران سنڌ جي سمورن بورڊز کي هڪ مهيني اندر امتحاني نتيجن جو اعلان ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو ويو، ياد رهي ته عدالت ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ جو مختصر فيصلو 28 آڪٽوبر تي ٻڌايو هو.