ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي، 96 شاگردن ۽ شاگردياڻين ايف آئي اي ۾ پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا آهن. ايف آئي اي ذريعن موجب شروعاتي طور 150 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي طلب ڪيو ويو هو، جن مان 96 شاگردن ۽ شاگردياڻين والدين جي موجودگي ۾ بيان رڪارڊ ڪرايا، انهن شاگردن 190 ۽ ان کان به وڌيڪ مارڪون کنيون هيون، شاگردن ۽ شاگردياڻين مبينه طور پيپر ليڪ ٿيڻ بابت تفصيل فراهم ڪيا، ڪجهه شاگردن ٻڌايو ته پيپر سان ملندڙ جلندڙ پيپر هڪ ڏينهن اڳ واٽس ايپ تي مليو هو، شاگردن اهي نمبر به ايف آئي اي کي فراهم ڪيا. ايف آئي اي ذريعن موجب اڃا تائين سو سيڪڙو پيپر ليڪ ٿيڻ جون شاهديون نه مليون، جاچ جاري آهي.