ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۽ شاگردن جا خُواب

0
14
ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۽ شاگردن جا خُواب

ڪالھ فيس بڪ اسڪرول ڪرڻ دوران هڪ ننڍڙي وڊيو سامهون آئي. جنهن ۾ ڪجھ نياڻيون لاڙڪاڻي سينٽر ٻاهران ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ نه ويهارڻ خلاف سراپا احتجاج هيون. اُنهن جو چوڻ هو ته، ٽيسٽ سينٽر تي پهچڻ جو ٽائيم ڏھ بجي هو ۽ اسان نائين وڳي ئي سينٽر تي رپورٽ ڪري چڪا هئاسين پر ڊگهين قطارن سبب جڏهن اسان گيٽ تي پهتاسين ته اسان کي اهو چئي اندر نه ڇڏيو ويو ته اسان ليٽ آهيون. مئنيجمينٽ ڊائو وارن جي خراب آهي ۽ ان جو نقصان اسان نياڻين کي ڀرڻو ٿو پوي. هنن نياڻين پنهنجي سُنهري مستقبل جي ساڀيان لاءِ گيٽ وارن سان وڏي جدوجهد ڪئي پر کين ڪڏهن اهو چئي اندر داخل نه ٿيڻ ڏنو ويو ته آءِ بي اي وارن جهلي ڇڏيو آهي ۽ ڪڏهن اهو چيو ويو ته ڊائو وارن منع ڪئي آهي ۽ اوهان ليٽ آهيو. اهو عملو جيڪو شاگردياڻين کي اندر داخل نه پيو ٿيڻ ڏي، انهن کي اها به خبر ناهي ته هي ٽيسٽ  ادارو ڪهڙو ٿو ڪنڊڪٽ ڪري بس خبر هُئن ته اها ته انهن نياڻين کي اندر ناهي ڇڏڻو.ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ جيڪا ڊائو يونيورسٽيءَ پاران سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ ڊاڪٽريءَ جي اُميدوارن کان ورتي ويندي آهي. تنهن ۾ پوئين ڪافي عرصي کان ڪرپشن، اقرباپروري، سفارش، پئسن عيوض پيپر ۽ ڪِي جو لِيڪ ٿيڻ ڄڻ ته معمول بڻيل آهي.ڊاڪٽري، جيڪو مسيحائي پيشي سان گڏوگڏ هڪ انتهائي منافع بخش ۽ فائدي وارو پروفيشن ٿي چڪو آهي. ان ۾ امير طبقي جا ماڻهو هر طرح جا حربا هلائي پنهنجن ٻارن کي سليڪٽ ڪرائڻ ۾ وسان ڪين ٿا گهٽائين. ان ڪري هن پيپر ٿيڻ کان اڳ ۾ هن جي ڪِي لِيڪ ٿيڻ ڄڻ ته معمول ٿي ويو آهي. پوئين سال ٿيل ٽيسٽ ۾ وقت کان اڳ ۾ پيپر لِيڪ ٿيڻ جا چِٽا ثبوت هئڻ سبب ٽيسٽ کي معطل ڪيو ويو ۽ ٽيسٽ ٻيهر ريڪنڊڪٽ ڪئي وئي، جنهن مهل ٽيسٽ معطل ٿي ته اُجري مستقبل جا خواب سجائي سڄو سال اڪيڊمين ۽ اُستادن وٽ پڙهڻ وارن شاگردن جي اکين ۾ هڪ چمڪ جنم ورتو ته هاڻ ٻيهر ٿيندڙ ٽيسٽ فيئر هوندي ۽ اسان پنهنجن خوابن کي ساڀيان ماڻيندي ڏسنداسين ۽ اسان به اڇي ڪوٽ ۾ سنڌ جي ٽاپ ڪلاس يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ مسيحائي پيشي جي  تعليم حاصل ڪنداسين پر افسوس جڏهن ٻيهر ٽيسٽ ٿي ته اهو ساڳيو ئي  ڪڌو ڪاروبار ورجايو ويو ۽ هڪ دفعو وري وقت کان اڳ ۾ پيپر لِيڪ ٿي ويو ۽ ڪيترن ئي معصوم اکين ۾ سَجيل سُندر خوابن کي جنمڻ کان اڳ ۾ ئي قتل ڪيو ويو. زندگي جهد مسلسل جو نالو آهي ۽ خُوابن جي پٺيان لڳندڙ هِي معصوم دليون ۽ جوان جذبا رکندڙ اسان جا ٻچڙا ۽ نياڻيون ڪرپشن، نيپوٽزم، استحصالي روين، ميرٽ جي لتاڙ ۽ پيپر آئوٽ ٿيڻ جي باوجود محنت جو دامن نه ٿا ڇڏين ۽ ڪي فريش ته ڪي امپروور پنهنجن خوابن جي تعبير لاءِ ٻيهر محنت ۾ جنبي ٿا وڃن پر افسوس جو آچر تي ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ جي پيپر جي لِيڪ ٿيڻ جا چوٻول پيپر شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ٻُڌجڻ ۾ اچن ٿا پر  هتي ڪنهن جي به ڪَنَ تي جُونءِ نه ٿي سُري. سڄو سال نُور نچوئي محنت ڪندڙ شاگردن کي جڏهن پيپر جي لِيڪ ٿيڻ جي خبر پئي ٿي ته سندن خُواب ريزه ريزه ٿي ٿا وڃن ۽ سندن دِليون ٽُٽي پون ٿيون پر افسوس جو اسان جي حڪمران طبقي ۽ انهن ٽيسٽن کي مينيج ڪندڙ يونيورسٽيءَ جي عملدارن کي نوٽن جي ٿهين اڳيان ڪجھ به نظر نه ٿو اچي.

هر سال جڏهن ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ جو ٽائيم اچي ٿو ته مختلف ماڻهو پئسن عيوض ڪِي وڪرو ڪرڻ جو ڪڌو ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪن ٿا. جنهن ۾ پئسي واري طبقي جا شاگرد اڪيلا يا گروپس جي صُورت ۾ ڪِي حاصل ڪن ٿا ۽ پوءِ ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن ٿا، چوٻول ته ايتري تائين به آهن جو وڏيون اڪيڊميون هلائيندڙ پروفيسر ۽ ليڪچرار جيڪي خود هڪ مافيا جو روپ ڌاري چڪا آهن، اهي پڻ ڪِي لِيڪ ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ پنهنجي اڪيڊمين جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ اهي پنهنجي شاگردن کي مهيا ڪن ٿا ۽ پوءِ جڏهن رزلٽ اچي ٿو ته هر طرف واھ واھ  ٿي وڃي ٿي. پروفيشنل ڊگريون، جن تي شاگردن جو مستقبل منحصر هوندو آهي ۽ شاگرد پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري پروفيشنل ڪيريئر لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽن ۾ ويهن ٿا ته اُتي هلندڙ بازار ۾ هُو پنهنجي محنت، هوشياري، اورچائي، ڏاهپ ۽ ذهانت واري وکر کي چند ڏوڪڙن جي اڳيان بي آبرو ۽ بي ملھ ٿيندو ڏسي دلشڪسته ٿين ٿا. سندن معصوم نيڻن ۾ سجايل خواب وهندڙ لڙڪن سان گڏ اکين مان وهي وڃن ٿا. هِي ٻار، جيڪي اسان جي مستقبل جا معمار آهن، جيڪي انٽر پاس ڪري جوانيءَ جي دهليز تي قدم رکي رهيا هوندا آهن، جن نوجوانن جي چپن تي مُڇن جي ساوڪ ۽ هلڪي ڏاڙهي اڃا لهڻ شروع ڪندي آهي، جن جي جذبات ۾ شدت ۽ احساسن ۾ اجرائپ هوندي آهي، هُو جيڪي پنهنجي والدين جي اکين جا تارا هوندا آهن، جن جي سوچ لوچ ۽ انداز ۾ سچ سُونهن ديس سان محبت ڇلڪندي محسوس ٿيندي آهي، هُو جيڪي تازو ئي شيڪسپيئر جو نظم ‘سيون ايجز  آف مين’ پڙهي زندگيءَ جي اسٽيج تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آتا هوندا آهن، هُو جيڪي  ايبٽ آف ڪينٽر بري پڙهي بادشاھ جي پڇيل سوالن ۾ پنهنجين زندگين جو مقصد ڳوليندا آهن. هُو جيڪي آئنسٽائين، ردرفورڊ، مينڊل ۽ موزلي جا حافظ هوندا آهن. تن جو پنهنجن خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ تي اوترو ئي حق آهي، جيترو ڪنهن امير جي ٻار کي آهي. هِي ٽيسٽون ان لاءِ رکيون وينديون آهن ته جيئن هر طبقي جي ٻار کي پنهنجين صلاحيتن جي اظهار جو برابريءَ جو موقعو ملڻ گهرجي پر هتي ته پئسي ۽ پاور وسيلي ذهين ٻارن کي مقابلي کان اڳ ئي مقابلي مان ٻاهر ڪيو وڃي ٿو! گذريل آچر تي ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ليڪ ٿيڻ اسان جي سماج ۾ ڪا نئين ڳالھ ناهي، اسان وٽ بورڊ کان وٺي يونيورسٽين تائين ۽ يونيورسٽين کان وٺي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تائين، هر جڳھ تي ميرٽ جي لتاڙ عام ڳالھ آھي. هڪڙا ٻار پڙهي پڙهي انڌا ٿيڻ جي ويجهو پهچي وڃن ٿا پر کين پنهنجو اصل مقام نه ٿو ملي ۽ ٻيا پنهنجن وڏڙن جي “واسطن”جو ڀرپور فائدو حاصل ڪن ٿا. آچر تي ٿيل ايم ڊي ڪيٽ جي پيپر جو لِيڪ ٿيڻ اسان جي سسٽم جي ناڪاره، فرسوده ۽ ميرٽ جي لتاڙ جو کُليل ثبوت آهي، جنهن ۾ اسان جي نياڻين ۽ پُٽڙن کان سندن حق کسي اهڙن ٻارن کي ڏنا ويا آهن، جيڪي هن شعبي ۾ اچڻ کانپوءِ ٻه چار ماڻهو مارڻ کان پوءِ به حقيقي ڊاڪٽر نه ٿي سگهندا! اسان ڊائو يونيورسٽي انتظاميا، صحت کاتي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته آچر تي ٿيل ٽيسٽ کي رد ڪري ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ٻيهر ورتي وڃي ۽ اهڙو مڪينزم جوڙيو وڃي، جنهن ۾ مافيا لاءِ ڪابه گُنجائش نه هجي ۽ پيپر يا ڪِي لِيڪ ٿيڻ جو تصور به نه هُجي. هونئن ته حڪومت کان هِي مطالبو ڪرڻ ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ برابر آهي، ڇو ته هن سڄي نظام جي اوڻاين جا بينيفشريز انهن ايوانن ۾ ويٺل اليٽ ڪلاس جا وڏيرا، سردار، جاگيردار، بزنس مين ۽ ڪامورا آهن پر پوءِ به واڪا ڪرڻ مون وس، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو!