ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2022ع ۽ 2023ع  ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کي ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ۾ داخلا نه ڏيڻ  ۽ ٻيهر ٽيسٽ لاءِ رجسٽرڊ نه ڪرڻ تان پي ايم ڊي سي کان 27 نومبر تي جواب طلبي ورتو، عدالت پٽيشنر کي درخواست جي ڪاپي پي ايم ڊي سي کي فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ  ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل جبران ناصر چيو ته  پي ايم ڊي سي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه پئي ڪري، پي ايم ڊي سي جي قانون موجب ايم ڊي ڪيٽ  ٽيسٽ جا نتيجا ٽن سالن لاءِ قابل قبول هوندا آهن, عدالتي فيصلي مطابق جن 2022ع ۽ 2023ع ۾ ٽيسٽ ڏني، اهي ٻيهر ٽيسٽ ۾ ويهي سگهن ٿا، درخواستگذار چيو ته هو گذريل سال جو شاگرد آهي، کانئس ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ نٿي ورتي وڃي،  جڏهن ته عدالت حڪم ڏنو هو ته هو ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏئي سگهي ٿو، هن چيو کيس پي ايم ڊي سي رجسٽر نه پئي ڪري رهيو، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اها درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، درخواست جو جواب پي ايم ڊي سي ئي ڏئي سگهي ٿي