ھِي انھن سڀني والدين، سول سوسائٽي، ٻارن ۽ شاگردن جي سوڀ آھي، جيڪي قابليت ۽ اھليت (ميرٽ) ۾ ايمان رکن ٿا. ۽ ھِيءَ فتح آھي. ان اداري جي به، جنھن تي ھن ٽيسٽ کي سُھڻي نموني سان منعقد ڪرڻ جي ذميداري به سونپي وئي ھئي. سوڀ، فتح ۽ ذميداريءَ وارا لفظ ٻُڌڻ ۾ جيترا پرڪشش لڳن ٿا، اھي اوترا ئي نيتن تي به دارومدار رکن ٿا. چوڻي مشھور آھي ته، “نيت صاف ته مراد حاصل” سو نيت صاف ھئي ته مراد به حاصل ٿي وئي ۽ جڏھن مراد حاصل ٿي وئي ته ھر طرف واھ واھ به ٿي وئي آھي. ھن وقت والدين به خوش آھن ته ٻار به سرھا آھن ۽ اھو ادارو به مطمئن آھي، جنھن ھن ٽيسٽ کي ھر ماضي وارين ۽ ايندڙ امڪاني تھمتن کي به نظر ۾ رکي، نه صرف ھڪ چئلينج طور قبول به ڪيو پر بعد ۾ صاف ۽ شفاف نموني سان منعقد ڪرائي تاريخ رقم ڪري ڇڏي آھي. ثابت ٿيو ته ادارو چاھي ته ھر اھا ھاڪاري شئي ممڪن آھي، جنھن جي ڪو اُميد رکي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ جو معاشري جي بھتريءَ ۾ يا ابتريءَ ۾ جيڪڏھن ڪُجھ فردن ۽ نامي گرامي گھراڻن جو عمل دخل آھي ته اتي بھرحال ننڍن يا وڏن ادارن جي شموليت کي به نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. پر، جڏھن اسان ادارن جي شموليت سان گڏ ادارن جي ڪردار جي ڳالھ ڪنداسين ته ادارن جي موثر قيادت کان ڪڏھن به انڪار نه ڪنداسين، ڇاڪاڻ جو اھا قيادت ئي ھوندي آھي، جيڪا يا ته ادارن کي تاريندي آھي يا وري ٻوڙيندي آھي. قيادت مان اسان جي مراد سربراھي ڪرڻ، رھنمائي ڪرڻ ۽ رستو ڏيکارڻ واريون اھي مھان شخصيتون آھن، جن جي ڪري ادارن کي چار چنڊ لڳي ويندا آھن. ۽ اسان کي ھن حقيقت کي به مڃڻو پوندو ته سربراھي به ڪا معمولي شئي ناھي ھوندي. سربراھي، جتي ھڪ ذميداريءَ جو اسم آھي، اُتي اھا ھڪ آزمائش جو فعل به آھي. ھِيءَ ڪيڏي نه ڀلي ڳالھ آھي جو اُتر سنڌ جي جنھن اداري کي سنڌ حڪومت پاران ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کي ٻيھر منعقد ڪرڻ جي لاءِ چيو ويو ته اداري جي سربراھ پاران به وڏي دل سان حڪومت جي ان آڇ کي قبول به ڪيو ويو ۽ ھي ھام به ھنئي وئي ته اسان کي تاريخ ھڪ موقعو ڏنو آھي، پوءِ ڇونه ان موقعي کي غنيمت سمجھي اھو ڪي ڪجي جو نانگ به مري وڃي ۽ لٺ به بچي وڃي. ۽ ائين ٿيو آھي يعني ٽيسٽ به ٿي وئي ۽ ڪو خوامخواه جو الزام به نه لڳو.
ڇا ھِيءَ حقيقت نه آھي ته ٽيسٽ جي انعقاد بعد جيڪا تعريف ٽيسٽ منعقد ڪندڙ اداري ۽ اداري جي سربراھ جي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان گڏ ذاتي ڪچھرين ۾ ٿي رھي آھي اھا تعريف خود ھڪ وڏو ثبوت بڻجي سامھون آئي آھي ته ماڻھو جيڪڏھن سچائي ڏيکاري ته سڀ ڪجھ ممڪن آھي. مختلف فورمن تي اداري ۽ اداري جي سربراھ جي تعريف ٿيڻ مان ثابت ٿو ٿئي ته ٽيسٽ ھر حال ۾ صاف ۽ شفاف ماحول ۾ ٿي آھي. ۽ اسان کي ٽيسٽ سينٽرن جي قيادت ۽ ننڍي وڏي عملي کي به داد ڏيڻ گُھرجي، جن به پاڻ خُوب ملھايو آھي. گذريل آچر يعني 8 ڊسمبر واري ڏھاڙي تي سيبا (سکر آءِ بي ايَ) ٽيسٽنگ سروس المعروف ايس ٽي ايس پاران پوري سنڌ ۾ ٻيھر ٿيندڙ ان ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي انعقاد جي حوالي سان اداري جي سربراھ پاران کنيل قدمن آئيني ادارن جو ڀرم رکڻ سان گڏ، والدين ۽ ٻارن کي مايوسين مان ڪڍڻ جو ڪم به بخوبي انجام ڏئي ڇڏيو آھي. ھن ڳالھ کان ڪير انڪار ڪندو ته ساڳي ٽيسٽ ٽيوشن سينٽرز ھلائيندڙ مافيا جي لاءِ پرڪشش ۽ نفعي بخش ڪاروبار به بڻيل ھئي نه صرف ايترو پر ٻارن کي مايوسين جي طرف به ڌِڪي رھي ھئي ۽ جنھن جي انتھائي شڪل ٻارن جون اھي خودڪشيون رڪارڊ تي آھن، جيڪي ھاڻي ھن ٽيسٽ جي تاريخ جو حصو بڻجي ويون آھن. گھٽ ۾ گھٽ ھاڻي 8 ڊسمبر، 2024ع تي ٻيھر ٿيندڙ ھن ٽيسٽ تي ڪو ھي الزام نٿو لڳائي سگھي ته “ڪيِ” لِيڪ ٿي ھئي يا سواليا پرچو سوشل ميڊيا جي زينت بڻيو ھو. ھن کان اڳ جن جن ادارن ۽ ٽيسٽنگ ايجنسين ايم ڊي ڪيٽ منعقد ڪرائي ته ٽيسٽ جي ڪيِ به ليڪ ٿي پئي وئي ته سواليا پرچو به سوشل ميڊيا تي وائرل پئي ٿيو. نتيجي طور ٽيسٽ تڪراري ٿيڻ سان گڏ ڪورٽ ڪچھرين اندر به خُوار خراب پئي ٿي. ۽ ٽيسٽ فيس جي مد ۾ ٻارن کان اوڳاڙيل ڪروڙين رُپين جو زيان ٿيڻ ڄڻ عام معمول بڻيل ھو. ساڳي ٽيسٽ اعليٰ تعليمي ادارن جي تعليمي سيشنز جو دير سان شروع ٿيڻ جو سبب به بڻجي رھي ھئي. پئسي جو زيان، وقت جو زيان، جذبن جو زيان، خوابن ۽ مقصدن جو زيان، خُوارين، ذلتن ۽ تھمتن جي سُڃاڻپ حاصل ڪري چڪي ھئي، ھِيءَ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ، جنھن کي ملڪ جي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا وٺندڙ انٽرميڊئيٽ پاس ڪندڙ خواھشمند شاگردن کان 1998ع کان مختلف تعليمي ۽ ٽيسٽنگ ايجنسين پاران تسلسل سان ورتو پيو وڃي.
توھان جڏھن ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا پيرا کڻندا ته توھان کي ھِي معلوم ٿيندو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ شروع ڪرڻ وارو اسان جي ملڪ جو موجوده وزيرِاعظم جناب شھباز شريف آھي، جنھن 1998ع ۾ ڪُجھ تعليمي ادارن جي سربراھن جي صلاح مصلحت سان ھن ٽيسٽ جي انعقاد جو رواج عام ڪيو. ياد رھي 1998ع ۾ شھباز شريف پنجاب جو وڏو وزير ھو ۽ ھن جي ذھن ۾ ھن ڳالھ کي ويھاريو ويو ھو ته ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾، خاص طور تي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا وٺڻ جي لاءِ ھڪ اھڙي ٽيسٽ کي وٺڻ جو آغاز ڪجي، جيڪا عالمي معيار جي نمائندگي ڪندڙ ھجي نه صرف ايترو پر، ساڳي ٽيسٽ جي ذريعي ٻارن جي ذھنن ۾ ھِي خوف به ويھارڻ ھو ته توھان ميٽرڪ يا انٽرميڊئيٽ سطح تي ڀلي نقل ڪري يا بورڊن ۾ پيسا ڏئي مٿيان گريڊ حاصل ڪيو پر ٽيسٽ جي چڪي مان بھرحال توھان کي گذرڻو ئي آھي. اھڙي طرح سان ٻارن جي ٻارنھن سالن واري ريگيولر تعليم تي عدم اعتماد جو اظھار ڪيو ويو ۽ صرف ٽيسٽ جي ٻن سَون نمبرن جي اھميت تي گھڻو زور ڏنو ويو. گڏوگڏ داخلا جي لاءِ ميٽرڪ، انٽرميڊئيٽ ۽ ايم ڊي ڪيٽ جو جيڪو جي پي اي/سي جي پي اي اسڪور مقرر ڪيو ويو آھي، اھو ڪجھ ھن طرح سان آھي. ميٽرڪ 10 سيڪڙو، انٽرميڊئيٽ 40 سيڪڙو ۽ ايم ڊي ڪيٽ 50 سيڪڙو (ڪل 100 سيڪڙو). ساڳي طرح سان 200 سوالن لاءِ 68 سوال بايولاجي مان، 54 سوال فزڪس ۽ 54 سوال ڪيمسٽري مان 18 سوال انگلش مان ۽ 6 سوال لاجيڪل ريزننگ مان کنيا وڃن ٿا. ممڪن آهي ته گذريل ٻن ڏھاڪن کان ٿيندڙ ھِيءَ ٽيسٽ پنھنجي مختلف مرحلن، تجربن، مسئلن، مونجھارن ۽ بدناموسين ۽ خوارين مان گذرندي پنھنجي ھئيت ۾ڪجھ بنيادي تبديليون به آنديون ھجن، جيئن جي پي اي اسڪورنگ ۽ ھر سبجيڪٽ مان ورتل سوالن جي انگ اکرن کي گھٽ وڌ ڪرڻ پر گھڻو امڪان ھِي موجود آھي ته، ھن جي بنيادي خد و خال ۾ ڪا نمايان تبديلي نه ڪئي وئي ھوندي. ھاڻي جڏھن اُتر سنڌ جي ھڪ اداري آئيني ادارن جو ڀرم رکڻ سان گڏ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ کي منعقد ڪرائي شفافيت کي يقيني بڻائي ڇڏيو آھي، والدين جي وڃايل اعتماد کي بحال ڪري ڇڏيو آھي ۽ ٻارن کي ميرٽ جو احساس ڏيارڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو آھي، ته ڇا سنڌ جي سڀني امتحاني بورڊن کي اُتر سنڌ جي ھن اداري جي ھن سُٺي مثال جي پيروي نه ڪرڻ گھرجي؟