ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سکر آءِ بي اي طرفان ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 8 ڊسمبر آچر ڏينهن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: شفافيت ۽ ميرٽ تي عمل ٿيندو؟ پيپر ليڪ يا وڪرو ڪيئن بند ٿيندو؟ ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪرڻ ۾ جيڪي به ماڻهو ملوث آهن انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي، شفافيت يقيني بڻائي وڃي، جنهن ڏينهن ميرٽ تي عمل ٿيو ان ڏينهن سنڌ ۾ ترقي جي شروعات ٿيندي، شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي طيب انقلابي لکيو ته سکر آءِ بي اي ۾ پھريان ته ڪڏھن به ميرٽ ناھي ٿي، باقي ھن دفعي ڏسجي ته ڇا پيا ڪن، ۽ جيڪو پيپر ليڪ ٿيڻ وارو معاملو آھي، اصل ۾ رشوت نه ڏيندڙ اميدوارن کي بليڪ ميل ڪري پيپر آئوٽ ڪيو ويندو آھي. الله ڏنو درس به سروي ۾ حصو ورتو، مظهر انور جتوئي لکيو ته سنڌ ۾ (ميرٽ) صرف نالي ماتر آهي لمس ھجي ياDOW يونيورسٽي يا IBA ھجي سڀ ڪمائڻ لاءِ تيار ويٺا آهن پيپر ليڪ ٿيندو ناھي پر ليڪ ڪرايو ويندو آهي مال ڪمائڻ لاءِ سڄي سازش ڪئي ويندي آهي پڙھيل لکيل غريب ماڻهو صرف ان لاءِ رھي ويندا آهن جو انهن وٽ ليڪ ٿيل پيپر وٺڻ جا پئسا نه ھوندا آھن، امن ابن سنڌ لکيو ته اسان نٿا سمجھو ته اسان وٽ ( سنڌ ۾ ) ميرٽ آھي گذريل سال لمس کان کسي DOW يونيورسٽي کي چيو ويو ته توھان ٽيسٽ وٺو ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته DOW ڪيترو ميرٽ تي ٽيسٽ ورتي ھئي ھاڻي وري DOW کان کسي IBA کان ٿا ٽيسٽ ڪرائين پيا سا وري ڏسون ٿا ڪيئن ميرٽ جو جنازو ڪڍي ٿي؟.. محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته هي رڳو عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آھن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ ۾ ميرٽ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، وڏا ظالم آھن ميرٽ جو جنازو ڪڍندا، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته هاڻ ته اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته آءِ بي اي به هاڻي ڪرپشن جو ڳڙھه بڻجي ويو سنڌ ۾ ميرٽ جو جو سوال ئي نه ڪريو، پيپر وري به ليڪ ٿيندو سنڌ ۾ ميرٽ نظام آھي ئي ڪو نه ته پيپر جو وڪرو ۽ ليڪ ڪيئن بند ٿيندو؟ ڀيشم مهيشوري لکيو ته جيڪي به اهڙي عمل ۾ ملوث آهن انهن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن، انهن عملدارن کي معطل ڪيو وڃي جيڪي ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ ڪرڻ ۾ ملوث آهن، جاويد احمد لکيو ته سنڌ ۾ جنهن ڏينهن ميرٽ تي عمل ڪيو ويو ان ڏينهن سنڌ جي ترقي جي شروعات ٿيندي، افسوس اسان جي سنڌ ۾ ڪرپشن ايتري آهي جو اعليٰ ادارن ۾ به پيا هڪ ٻئي کي ڪوپ لڳن، IBA جو نالو بچيو آ باقي ڪم پورا آهن، ڪڏهن وقت ملي ته شڪارپور ۾ آءِ بي اي کي ڏنل مونٽسوري اسڪول جي حالت ڏسو سنڌ حڪومت وتي پئي ڍنگرن تي اٽو هاريندي سو اهو وقت ۽ پئسن جو زيان ئي بڻبو، خادم حسين لکيو ته سنڌ ۾ جيڪي اڪيڊميز آھن آءِ بي اي کي گھرجي ته پنھنجي سموري گھربل عملي کي انھن کان پري رکن ۽ جيڪو پيپر ڇپائي ٿي اتي ڪيمرا نصب ڪري سخت سيڪيورٽي ڪئي وڃي انھن کان موبائيل کسيا وڃن، ٽيسٽ واري ڏينھن 11 بجي ٽيسٽ آھي ته انھي ڏينھن اڌ ڪلاڪ پھرين سينٽر تي سخت سيڪيورٽي۾ پيپر پھچايو وڃي، گاڏي جي ڊرائيور تائين سڀني جا موبائيل فون کسيا وڃن، جيڪو به عملو آهي ان جي نگراني سخت ڪئي وڃي پنهنجي ويجهي رشتيدارن سان به ملڻ نه ڏنو وڃي، اهڙي سختي سان بهتري اچي سگهي ٿي، مير وسيم عباس لکيو ته آءِ بي اي وارن کي گھرجي ته امتحانن وارن هالن ۾ ڪيمرائون لڳايون وڃن ۽ ھر جڳھه تي سڪيورٽي سسٽم سخت ڪيو وڃي موبائل فون ۽ ٻيون ڊوائسز کڻي اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي.