ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ينگ ڊاڪٽرز جي اڳواڻن ڊاڪٽر محبوب نوناري، ڊاڪٽر مهراڻ شر، روشن چانڊيو ميڊيڪل ۾ داخلا لاءِ ٿيل انٽري ٽيسٽ ( ايم ڊي ڪيٽ) جو پيپر آئوٽ ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل حنا سعيد سميت ۽ ٻين کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هنن چيو ته جناح سنڌ ميڊيڪل ورسٽي کان ٻيهر انٽري ٽيسٽ ڪرائڻ وارا اختيار واپس وٺڻ بهتر فيصلو آهي، هنن چيو ته  انڪوائري ڪاميٽي  پاران  پيپر آئوٽ ڪرڻ جا ذميوار قرار ڏنل حنا سعيد ۽ ٻيا ڪردار اڃا تائين جناح ورسٽي ۾ اهم عهدن تي ويٺل آهن، هنن چيو ته انڪوائري ڪاميٽي جن واٽس ايپ نمبرن تان آئوٽ ٿيل پيپر وائرل ٿيڻ جي رپورٽ ڏني وئي هئي. اهي نمبرز ڪنهن جا ۽ ڪهڙا هئا؟ انهن ڪردارن کي به وائکو ڪيو وڃي.