سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز ۽ ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ ورتل ٽيسٽ وارو معاملو. 32 هزار 208 اميدوارن مان 16 هزار 72 اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪري ورتي. ايس ٽي ايس پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي منظوريءَ سان ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس لاءِ پاس اميدوارن جو انگ اکر جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل انگن اکرن موجب 8 ڊسمبر تي سکر، حيدرآباد، ڪراچي، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻو، ڄامشورو ۾ 32 هزار 208 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. مجموعي طور تي 38 هزار 684 اميدوارن ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ لاءِ اپلائي ڪيو. جن مان 6 هزار 476 اميدوار غير حاضر رهيا. جڏهن ته 32 هزار 208 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. ٽيسٽ دوران 5 ڄڻا ڪاپي ڪيس ٿيا. جڏهن ته 3 جعلي اميدوار پڪڙيا ويا. جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس موجب 32 هزار 208 اميدوارن مان 16 هزار 72 اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪري ورتي. ڄاڻايل اميدوارن مان 55 سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻندڙ اميدوار ٽنهي شعبن بيچلر آف ميڊيسن، بيچلر آف سرجري يا بيچلر آف ڊينٽل سرجري ۾ داخلا وٺڻ جا اهل هوندا. جڏهن ته 50 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ 13 هزار 718 اميدوار صرف بيچلر آف ڊينٽل سرجري (بي ڊي ايس) پروگرام ۾ داخلا لاءِ اهل هوندا.