حيدرآباد: ايم ڊي واسا جو پي اي ڪاشف شيخ جگر جي بيماري ۾ مبتلا ٿي گمس اسپتال گمبٽ مان علاج لاءِ ڌڪا کائي رهيو آهي جڏهن ته سندس اداري واسا پاران علاج لاءِ خاص مدد ته پري جي ڳالهه آهي پر اهڙي تڪليف هوندي به کيس رڳو 8 مهينن جي رهيل پگهار به نٿي ڏني وڃي. ملازم جي بيماري جو ٻڌي ايچ ڊي اي جي سي بي اي يونين جو صدر ساجد تقي، جنرل سيڪريٽري انصاف لاشاري ۽ ٻيا اڳواڻ واسا ملازم ڪاشف شيخ جي عيادت لاءِ سندس گهر پهتا. عيادت دوران ڪاشف شيخ جي بي حالي ڏسي يونين جو جنرل سيڪريٽري انصاف علي لاشاري پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهيو. هو مسلسل روئيندو رهيو جنهن کي سندس ملازم ساٿي ماٺ ڪرائيندا رهيا. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي جنرل سيڪريٽري انصاف لاشاري ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا ملازم پنهنجي علاج ۽ ٻچن جي پيٽ لاءِ پنڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ۽ شديد تڪليف کي منهن ڏئي موت ڏانهن ڌڪجي رهيا آهن پر حڪومت توڙي انتظاميا کي ملازمن جو ڪو به درد ناهي. هن چيو ته بيمار ملازم جي علاج لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن لاءِ سنڌ حڪومت ڏانهن ويل سمري فوري طور تي منظور ڪري رقم جاري ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪنداسين.