اوٻاوڙو/ڏهرڪي(نمائندن وٽان) ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس جا ٻه جوابدار گرفتار، خبر موجب کينجهو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ مهينو اڳ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر مٿان حملي ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن اٽل شر ۽ محمد نواز شر کي پوليس پاران گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدلقادر سومرو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڄام مهتاب ڏهر حملي ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس مسلسل سرچ آپريشن ڪيو، جنهن بعد ٻن جوابدارن کي ڏهرڪي ۽ کينجهو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي سانڪو ڀرسان گرفتار ڪري ورتو، ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته ٻئي جوابدار پوليس جي دٻاءَ بعد شهريار شر جي معرفت پوليس وٽ پيش پيا آھن.