ڪراچي: سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم پي ايز کي ايندڙ مالي سال بابت مخالفت براءِ مخالفت بجاءِ ڪوتاهي جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ سٺيون تجويزون ڏيڻ گھرجن. هن چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ اجلاس دوران لڳ ڀڳ 50 ڪلاڪ بحث ٿيو، جنهن دوران 135 ميمبرن تقريرون ڪيون، جيڪو هڪ ريڪارڊ آهي.