ڪراچي/ لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) سنڌ جي ميديڪل ڪاليجن ۽ مادرعلمين ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ۾ داخلا لاءِ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظامن هيٺ اڄ ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جي 30 ضلعن جا 41 هزار اميدوار حصو وٺندا، ان حوالي سان ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته اڄ ٿيندڙ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، انتظاميا موجب ڪراچي ۾ ايڪسپو سينٽر، ڄامشوري ۾ لمس، لاڙڪاڻي ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر ۽ پي ٽي سي بس ٽرمينل لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ 15 هزار، ڄامشوري ۾ 13 هزار، شهيد بينظيرآباد ۾ 4 هزار ۽ لاڙڪاڻي ۾ 9 هزار اميدوار ٽيسٽ ۾ حصو وٺندا، انتظاميا موجب ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ انٽري پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن، واضح رهي ته سنڌ ۾ پبلڪ ۽ پرائيوٽ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل انسٽيٽيوشنز ۾ ايم بي بي ايس جي 3600 ۽ بي ڊي ايس جي 1190 سيٽن لاءِ 41 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون حصو وٺندا، اڳ ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ ڪري اڄ ٻيهر ٽيسٽ ورتي پئي وڃي، ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي ڪمشنر انٽري ٽيسٽ کي شفاف بڻائڻ لاءِ ٽيسٽ سينٽر جي حدن ۾ غير واسطيدارن جي داخلا، فوٽو ڪاپي مشين، موبائل فون، ليڊيز پرس ۽ ٻيون ڊجيٽل ڊوائيسز کڻي اچڻ تي ھڪ ڏينھن لاءِ پابندي لڳائيندي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.