اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ريلوي جي ايم ايل ون منصوبي ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ ئي 11 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وفاقي حڪومت ايم ايل ون جي تبديل ٿيل ڊزائن تي عملدرآمد لاءِ چيني اختيارين جي جواب جي منتظر آهي. سينيٽ ۾ سوالن واري وقفي ۾ وفاقي وزير ريلوي پاران ايم ايل ون منصوبي بابت سينيٽ ۾ جمع ڪرايل تفصيلن مطابق منصوبي جي لاڳت ۾ گهٽتائي لاءِ ڊيزائن ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون آهن، ايم ايل ون منصوبو 3 مرحلن ۾ 9 ارب 85 ڪروڙ ڊالر جي لاڳت سان 9 سالن ۾ مڪمل ٿيندو، منصوبي جي هن قت تائين باضابطه شروعات ناهي ٿي، منصوبي تي 11 ارب رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ٿي چڪي آهي. منصوبي جي ابتدائي ڊزائن تي 10 ارب 64 ڪروڙ جڏهن ته فزيبلٽي اسٽڊي تي 39 ڪروڙ رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. سينيٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوري ملڪ اندر ريلوي جي 13 هزار 974 ايڪڙ ايراضيءَ تي غيرقانوني قبضو آهي.