اسلام آباد (اسپورٽس نيوز): نوجوان فاسٽ بالر فاطمه ثنا اي سي سي ايمرجنگ ويمنز ٽي 20 ايشيا ڪپ ۾ قومي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ڪندي، قومي ويمن سليڪشن ڪميٽي جي اعلان ڪيل 14 رڪني ٽيم ۾ 4 رانديگرياڻيون هن سال جي شروعات ۾ منعقد ٿيل آءِ سي سي ويمنز انڊر 19 ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪيون آهن، 23 سالن کان گهٽ عمر رانديگرياڻين لاءِ 12 کان 21 جون تائين هانگ ڪانگ ۾ ٿيندڙ ايمرجنگ ايشيا ڪپ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن، پاڪستان اسڪواڊ مارچ ۾ ملتان ۾ ڪيمپ ۾ ٽريننگ کان سواءِ ڪارڪردگي جي بنياد تي جوڙيو ويو آهي، نوجوان فاطمه ثنا 31 ون ڊي انٽرنيشنل ۽ 24 ٽي 20 انٽرنيشنل ميچز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪي آهي، پاڪستان اسڪواڊ ۾ فاطمه ثنا (ڪپتان)، انوشا ناصر، ايمن فاطمه، گل فيروزه، گل رخ، لبنيٰ بهرام، ناجيه علوي (وڪٽ ڪيپر)، نتاليا پرويز، صدف شمس، شوال ذوالفقار، عروب شاهه، طوبه حسن، ام هاني ۽ يسريٰ عامر شامل آهن، جڏهن ته امبر ڪائبات، دعا ماجد، فاطمه خان ۽ رامين شميم ريزرو رانديگرياڻيون هونديون. پاڪستان ٽيم گروپ اي ۾ ڀارت اي، هانگ ڪانگ ۽ ٿائي لينڊ اي سان گڏ آهي، ۽ اها پنهنو پهريون ميچ 13 جون تي ٿائي لينڊ خلاف کيڏندي، 15 جون تي ان جو مقابلو هانگ ڪانگ سان هوندو، جڏهن ته 17 جون تي اها روائتي حريف ڀارت سان مقابلو ڪندي، ڪپتان فاطمه ثنا جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي قيادت ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي، اهم ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪرڻ لاءِ اها پرعزم ۽ پرجوش آهي.