الامارات(اسپورٽس نيوز ) ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي پول ميچ ۾ پاڪستان شاهينز عمان کي 74 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.الامارات ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان شاهينز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ قاسم اڪرم جي شاندار اننگ، روحيل نذير ۽ عرفات منهاس زبردست هٽنگ جي مدد سان مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 185 رنسون ٺاهيون.عمان جي مُظاهر رضا 2، وسيم علي، سمي شرواستوَ، صُفيان محمود هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي پاڪستان طرفان قاسم اڪرم 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته روحيل نذير 41 ۽ عرفات منهاس 31 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي. پاڪستان جي 186 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي عمان جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 111 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان طرفان زمان خان ٻه، شاهنواز ڏاهاڻي، صُفيان مُقيم، عرفات منهاس، قاسم اڪرم، محمد عمران هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جارحاڻي اننگز ۽ فيلڊنگ دوران ٻه ڪئچ پڪڙڻ تي روحيل نذير کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.عمان خلاف ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان گروپ بي ۾ پهرئين نمبر تي پهچي ويو آهي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي ڀارت هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.