ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ پوليس جي ڪارروائي، ايمبولينس مان 2 ڪلو چرس، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ 3 مڻ سوپاريون برآمد، هڪ ڄڻو گرفتار، ان ڏس ۾  بي سيڪشن پوليس چيڪنگ دوران شڪي ايمبولينس  کي روڪي تلاشي ورتي،  جنهن مان 2 ڪلو چرس،  گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ 3 مڻ سوپاريون ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو، پوليس هڪ جوابدار عبدالوحيد سيد کي گرفتار ڪري ايمبولينس کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.