ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ڪلفٽن ۾ واقع ايمار ٽاور تان ڪري فوت ٿيل نوجوان عادل مسعود واري ڪيس جو پوليس پاران پيش ڪيل چالان رد ڪندي ايس ايس پي (انويسٽيگيشن ) ڏکڻ کي ڊي ايس پي رينڪ جي آفيسر کان ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته جاچ آفيسر ڪيس جي صحيح رخ ۾ جاچ ناهي ڪئي، جنهن ڪري ڪيس جي وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي، عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته جاچ آفيسر شاهد طاهر حسين جو بيان رڪارڊ ڪيو هو، شاهد طاهر حسين بيان ۾ چيو ته هن سي سي ٽي وي ڪيميرا ۾ نوجوان کي 17هين ماڙ تان ڪرندي ڏٺو هو پر جاچ آفيسر نه ته شاهد کان سي سي ٽي وي فوٽيج ورتا ۽ نه ئي  طاهر کي  شاهد واري فهرست ۾ شامل ڪيو. عدالت چيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل رهائشي منصوبو جديد طرز جو شاهڪار منصوبو آهي، جتي سيڪيورٽي جا بهترين انتظام آهن. اتي لڳل سي سي ٽي وي ڪيميرائون  هر فوٽيج ڪور ڪنديون هونديون، جاچ آفيسر رڳو اچ ۽ وڃ جا سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا. عدالت چيو ته نوجوان 17هين ماڙ تان ڪريو، سندس جسم تي ڪي نشان وغيره هئا يا نه ؟ هيٺ ڪرڻ کانپوءِ نوجوان ڪهڙي حالت ۾ هو؟  انهن سوالن بابت  پوليس فائل خاموش آهي، ياد رهي ته 31 جولاءِ 2022ع تي عادل مسعود هيٺ ڪري  فوت ٿيو هو