حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سنڌ وفاقي حڪومت پاران نئون پينشن رول ۽ ليوانڪيشمينٽ ۽ ايل پي آر وارو قانون فوري واپس ڪرڻ جي گهر ڪندي 19مطالبا پيش ڪري ڇڏيا آھن.ان سلسلي ۾ پاڪستان ورڪرز فيڊريشن سنڌ جي وائيس چيئرمين بشيراحمد خاصخيلي گذريل ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ منيرملاڻو،شبير ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شھباز ۽ زرداري سرڪاري صوبائي توڙي وفاقي ملازمن ۽ صنعتي پورهيتن جا بنيادي حق کسيندي نوان قانون جوڙي رهي آھي جنهن ۾ صنعتي ملازمن کان بنيادي حق کسيا پيا وڃن ۽ سرڪاري ملازمن کان پينشن جو حق کسيو پيو وڃي.هنن چيو ته ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي سبب سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ملازم پريشان آھن

ماڻھو مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب آپگهات ڪري رهيا آھن ته ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪارا قانون ٺاهي ماڻھن پريشاني ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي.هن ليو انڪيشمينٽ واري ڪاري قانون ۽ نوان ٺاهيل پينشن رولز فوري طور واپس وٺي پي ڊبليو ايف جي 19نڪاتي چارٽر آف ڊمانڊ منظور ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ملازم ۽ پورهيت روڊن تي احتجاج تي مجبور هوندا