ڪلوئي/شادي لارج (نمائندن وٽان) شادي لارج مين ٿرڪول روڊ تي زيرو پوائنٽ وٽان ايل بي او ڊي سم نالي کي ڪٽ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ڌار ڌار احتجاج، ڌرڻا هنيا ويا، خبر موجب مين ٿرڪول روڊ تي جهڏو، ملڪاڻي، پنگريو، خليفو قاسم ۽ نئون ڪوٽ جي سوين ماڻهن ٽئين ڏينهن به ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي علي نواز دلواڻي، علي گل کوسي، قربان کوسي، نديم گجر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اهڙي انڌير نگري ڪٿي نه ڏٺي، 3 ڏينهن ٿي ويا آهن پر انتظاميا ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته اسان زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ لڳڻ بنا ڪڏهن به واپس نه وينداسين، هنن چيو ته مٿان وارن شهرن ۾ پاڻي جو چاڙهه وڌندو پيو وڃي اگر ڪٽ نه لڳو ته وڏي تباهي ٿي ويندي، هنن چيو ته هزارين ايڪڙن تي فصل تباھ ٿي ويو آهي، اسان جا ٻچا روڊن تي ويٺا آهن، مجبور ٿي ڌرڻو هڻي ويٺل آهيون، هوڏانهن ڪلوئي ڀرسان نيوي چڪ تي زيرو پوائنٽ وٽان امڪاني ڪٽ خلاف مقامي رهواسين ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري سوين گاڏيون بيهجي ويون، ڌرڻي کي ذوالفقار لنڊ، ممتاز لنڊ، قيوم راهو، لياقت جتوئي ۽ ٻين چيو ته ڌرڻي وارا پاڻ ٻڏي ويا، وري اسان کي ٻوڙائڻ چاهين ٿا، هنن چيو ته پراڻ ڍوري جو نقشو ئي ختم ٿي ويو آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن 211 وٽان ڪٽ ڏنو ويو ته ڪلوئي شھر سميت تعلقي جا سوين ڳوٺ ٻڏي ويندا، جنهن ڪري اسان بي گهر ٿي دربدر ٿي وينداسين ۽ وري به پاڻي ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ڇوڙ ٿيندو، هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪٽ هڻڻ نه ڏينداسين،