ڪراچي: آبپاشي کاتي جي بجيٽ وڌائي 90.74 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. جنهن مان 42.08 ارب رپيا سروس ڊليوري ۽ 48.66 ارب روپيا ترقياتي منصوبن لاءِ مختص ڪيا ويا، ان حوالي سان مليل تفصيلن موجب ايل بي او ڊي جي مرمت توڙي ڍورو پراڻ جي قدرتي وهڪري جي پاڻي کي شڪور ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ سائفن لڳائڻ واسطي 1.3 ارب رپيا، خيرپور ناٿن شاھه ۾ ٻوڏ سبب تباھه ٿيل اسڪارپ ڊرين جي بحالي لاءِ 50 ڪروڙ، مٽياري، سانگھڙ ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن ۾ سهڻي ڍوري جي بحالي لاءِ هڪ ارب، حيدرآباد شهر جي2 واهن واڌو واھ ۽ فسادي واھه جي بحالي، سي سي لائيننگ توڙي مرمت لاءِ 54.6 ڪروڙ، سور هڏي برانچ جي لائننگ لاءِ 80.6 ڪروڙ ۽ ڍورو پراڻ توڙي ڍورو هاڪڙو جي بحالي فيز 2 لاءِ 40 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن.