ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه آبپاشي کاتي کي ايل بي اوڊي رٿا جي نظر ثاني ڪيل رٿا جي سي ڊي ڊبيلو پي مان منظوري وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ آبپاشي ۽ ورڪس کاتن جي گڏيل اجلاس ۾ صوبي ۾ جاري اهم ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائپ جو جائزو ورتو ويو. وڏي وزير ورڪس کاتي کي هدايت ڪئي ته ڄامشوري ڦاٽڪ (ريلوي ڪراسنگ) کان ڪوٽڙي بئراج تائين ٻن لين واري روڊ جو منصوبو تيار ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪي فور جو جائزو وٺندي 39.9 ارب جي ڪي بي فيڊر ۽ ڪينجهر ڍنڍ جي بحالي رٿا تي غور ڪيو. انهي رٿا ۾ وفاقي حڪومت جو حصو 19.4 ارب رپيا آهي، هن وقت تائين منصوبي تي 4 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن. وڏي وزير اختيارين تي زور ڏنو ته ڪم کي تيز ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ورڪس کاتي جي 166 ارب جي 799 هلندڙ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي انهن رٿائن لاءِ هيل 55 ارب رکيا ويا آهن، جن مان 37 ارب رپيا استعمال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٿرو فارورڊ لائبلٽي 111 ارب رپيا آهي. وڏي وزير اختيارين کي هدايت ڪئي ته 30 جون کان اڳ سڀني جاري منصوبن کي آخري شڪل ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت مالي سال 25-2024ع دوران ڪا به نئين اسڪيم متعارف نه ڪرائي آهي، اجلاس ۾ ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين سسٽم جو به جائزو ورتو ويو. پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت هن منصوبي جي شروعاتي لاڳت جو ڪاٿو 115.4 ارب رپيا هو، جيڪو جائزي جي رپورٽ کانپوءِ وڌي 172 ارب رپيا ٿي ويو آهي. وڏي وزير آبپاشي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي کان منصوبي جي منظوري حاصل ڪن. هن وقت تائين منصوبي تي رپيو به خرچ نه ٿيو آهي، جڏهن ته هيل منصوبي لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا هئا.