ايل ايل بي پروگرام 5 بدران 4 سال ڪرڻ جو حڪم: ٻاهران ڊگري وٺندڙن کان ٽيسٽ نه وٺو: سپريم ڪورٽ

0
22
ايل ايل بي پروگرام 5 بدران 4 سال ڪرڻ جو حڪم: ٻاهران ڊگري وٺندڙن کان ٽيسٽ نه وٺو: سپريم ڪورٽ
ايل ايل بي پروگرام 5 بدران 4 سال ڪرڻ جو حڪم: ٻاهران ڊگري وٺندڙن کان ٽيسٽ نه وٺو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ايل ايل بي پروگرام جي مدت پنجن سالن مان گهٽائي چار سال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻاهرين ملڪن مان قانون جي ڊگري حاصل ڪندڙن لاءِ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ ختم ڪرڻ جي به هدايت جاري ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ ليگل ايجوڪيشن ريفارمز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن جي صدارت جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته لاءِ ڪاليجن جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، جيڪڏهن ايس ايم لا ڪاليج کي بند ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن اُن ۾ ڪا گهٽتائي آهي ته ان کي پورو ڪيو وڃي.