اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ تارڙ چيو آهي ته ايل او سي تي ڀارت جا 50 فوجي ماريا ويا آهن، ڀارتي پائليٽ مار کائي ڊڄي ويا، هاڻي ڀارت هاڻي ڊرون اماڻيو رهيو آهي، پاڪ هوائي فوج رافيال جهاز ڪيرائي ڀارت جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو، چانهه هاڻي به تيار آهي، پر هن ڀيري انداز مختلف هوندو، اسان ڀارت کي چانهه هوم ڊيليور ڪئي آهي، قومي اسيمبلي ۾  ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته شروعات توهان ڪئي، پڄاڻي اسان ڪنداسين،  ڀارتي جارحيت کي شڪست ڏيڻ لاءِ سڄي قوم هٿياربند فوج سان گڏ آهي، روايتي جنگ ۾ پاڪستان جي برتري دشمن تي ظاهر ٿي چڪي آهي، پاڪستان جو جواب ايندو، ضرور ايندو ۽ دنيا ياد رکندي.