نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي انتهاپسند مودي سرڪار حڪم نه مڃڻ تي ڀارتي بري فوج جي هڪ اعليٰ آفيسر کانپوءِ هاڻ فضائيا جي اعليٰ آفيسر کي به برطرف ڪري ڇڏيو، ڀارتي فضائيا جي وائيس چيف آف ايئر اسٽاف ايئر مارشل ايس پي ڌارڪر کي عهدو سنڀالڻ جي 7 مهينن کانپوءِ ئي عهدي تان هٽايو ويو. ذريعن موجب ايئر مارشل ايس پي ڌارڪر اڱاري جي رات والاريل ڪشمير ۾ رافيل جهازن جي جارحاڻي اڏام جي نگراني ڪري رهيو هو پر پاڪستاني فضائيا پاران انهن رافيل جهازن کي اثرائتي طريقي سان روڪڻ کانپوءِ ايئر مارشل ڌارڪر جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي سوال اٿڻ لڳا. ذريعن موجب ڀارتي فضائيا جي نائب سربراهه پنهنجي پائلٽن جي رافيل هينڊلنگ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو، ڀارتي رافيل جهاز پاڪستان جي جديد ريڊار سسٽم اڳيان بي وس ٿي ويا ۽ جڏهن انهن کي لائن آف ڪنٽرول تي جارحاڻي مشن تي موڪليو ويو ته پاڪستاني ريڊارن انهن کي جام ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئر مارشل ايس پي ڌارڪر جي جاءِ تي ايئر مارشل نرمديشور تيواري کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وائيس چيف آف ايئر اسٽاف جي برطرفي ڀارتي فضائيا اندر وڏي بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي.