راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر کي ڪيرائي ڇڏيو، سيڪيورٽي ذريعن موجب ڀمبر جي علائقي مناور سيڪٽر ۾دشمن ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي جاسوسيءَ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ فوج ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر جي ايل او سي تي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ناڪام بڻائي ڇڏي، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته بروقت ڪارروائي ڪري دشمن جي ڪُڌي ڪوشش کي ناڪام بڻايو، پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو فوري ۽ موثر جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.