واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي رسالي فوربز دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن تحت ٽاپ ٿري ۾ ايلون مسڪ، جيف بيزوس ۽ مارڪ زڪربرگ شامل آهن، فوربز جي تازي رپورٽ ۾ ايلون مسڪ دنيا جو امير ترين شخص قرار ڏنو ويو، جنهن جي مجموعي دولت 425.2 ارب ڊالرز ٻڌائي وئي. ايلون کانپوءِ جيف بيزوف 241 ارب ڊالرن سان ٻئي نمبر تي آهي جنهن 1994 ۾ اي ڪامرس جي وڏي ڪمپني ايمازون جو بنياد رکيو هو، رپورٽ موجب ميٽا جي باني مارڪ زڪر برگ دنيا جي امير ترين شخصيتن ۾ ٽئين نمبر تي آهي،جنهن جي دولت جو ڪاٿو 217.7 ارب ڊالر آهي جڏهن ته ليري ايليسن 209 ارب ڊالرن سان چوٿين نمبر تي رهيو.