شھدادڪوٽ(رپورٽ: امير علي مڱڻهار) ايف پي بچاءُ بند جيڪو سنڌ جي حد ۾ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي اندر قبو سعيد خان تعلقي جي ڳوٺ چکي کان شروع ٿي دادو ضلعي کان ٿيندو ڄامشوري ضلعي اندر اچي منڇر ڍنڍ وٽ سيوهڻ جي لال باغ وٽ ختم ٿئي ٿو. ھن جي ڊيگھہ 160 ميل آھي. ھي ايف پي بچاءُ بند انگريز حڪومت جي دؤر ۾ بلوچستان ۽ سنڌ جي کيرٿر جبل کان ايندڙ برساتن جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ ڏنو ويو هو جيئن پڪا شھر ٻوڏ کان ۽ برسات جي پاڻي کان بچي سگهن. انگريز حڪومت کان پوءِ ھن ايف پي بچاءُ بند جي مرمت جي ڪم لاءِ آيل پيسا ايريگيشن جا آفيسر ۽ انھن کي مقرر ڪرائيندڙ سياستدان کائي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي سالن کان بند جي مرمت نه ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري 1997 ۾ کيرٿر جبل جي برسات جي ۽ بلوچستان کان ايندڙ جبلن ۽ مختلف نئين جي پاڻي جو دٻاءُ نہ سھڻ ڪري ڳوٺ ميرپور ٻرڙو کان بند ڀڄي پيو ھو ۽ سوين ڳوٺن جا ھزارين گھر لڙھي ويا هئا. ساڳي ريت 2010 ۽ 2022ع جي ٻوڏ ۾ بہ ساڳي صورتحال ٿي ۽ وڏو نقصان ٿيو. ماڻهن جا گهر ٻار ٻچا لڙھي ويا ھزارين ماڻھو بي گھر ٿي ويا. ھن وقت ورلڊ بينڪ جي طرفان ايف پي بچاءُ بند جي پچنگ ۽ اوچائي وڌائڻ لاءِ 25 کان 30 ارب روپيا ڏنا ويا آهن تہ ڳوٺ چکي کان منڇر ڊنڍ تائين ھن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي. ان لاءِ سنڌ حڪومت رٽائر ايريگيشن جي چيف انجنئير کي پي ڊي مقرر ڪري سندس ڪم حوالي ڪيو آهي. ذريعن موجب پي ڊي تي ڪرپشن جا الزام آهن. رٿا موجب جيڪا مٽي ھنن کي ٻاھران آڻڻي آھي اها ھي بند ڀرسان ڳوٺاڻن کان خريد ڪري ساڳي ڪلر واري مٽي وجھي رھيا آھن ۽ ڪم جا پيسا بہ ٺيڪيدارن کي ملي ويا آهن. ذريعن موجب پئسا حصو پتي ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه حصوآبپاشي جي هڪ چيف انجنئير کي بہ ڏنو ويو آهي جيڪو من پسند ٺيڪيدارن کان ڪم ڪرائي رھيو آھي. ان حوالي سان آبپاشي ۽ بند جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي عوام جي ڪم لاءِ آيل پيسا عوام جي ڪم نہ اچي سگھندا ساڳي صورتحال ٿيندي ڪم لاءِ آيل رقم آفيسر ٺيڪيدار ۽ سياسي ماڻهون پاڻ ۾ ورهائي کائي ويندا ۽ عوام کي امڪاني برساتن ۽ بلوچستان جي جبلن کان ايندڙ پاڻي کان بچاءُ بند محفوظ نه سگهندو.