ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف بي ايريا ۾ غير قانوني اڏاوتن کي فوري روڪڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن غير قانوني اڏاوتن جو سلسلو بند نه ٿيو ته پوءِ ايس بي سي اي جي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف بي ايريا بلاڪ 9 دستگير ڪالوني ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته غير قانوني اڏاوتن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن غير قانوني اڏاوت بند نه ٿي ته لاڳاپيل ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،  دستگير سوسائٽي پاران غير قانوني اڏاوتن خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پلاٽ نمبر 780 ايف بي ايريا بلاڪ 9 تي غير قانوني اڏاوتون ڪيون پيون وڃن، رهائشي پلاٽن تي دڪان ۽ ٻه منزله عمارتون ٺاهيون پيون وڃن.