اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) راشد لنگريال پاران من پسند مقرريون ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهندڙ آفيسرن کي خبردار ڪيو آهي ته ٽرانسفر پوسٽنگ لاءِ غير قانوني طريقو استعمال ڪرڻ کي بدتميزي تصور ڪيو ويندو. ايف بي آر تي دٻاءُ وجهندڙ آفيسرن کي فوري طور معطل ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. چيئرمين ايف بي آر چيو ته من پسند پوسٽنگ حاصل ڪرڻ لاءِ اثر رسوخ جو استعمال ڳڻتي جوڳو عمل آهي.