اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر کي نان فائلرز کي زبردستي رجسٽر ڪرڻ جا اختيار ملي ويا، وفاقي حڪومت فنانس بل  تحت ٽيڪس نيٽ ۾ واڌ لاءِ سخت قدم متعارف ڪرائي ڇڏيا، ڪو به شخص سيلز ٽيڪس ايڪٽ تحت رجسٽريشن نه ڪرائيندو ته ايف بي آر جو لاڳاپيل آفيسر يا ڪمشنر ان لينڊ روينيو جاچ جي بنياد تي کيس زبردستي رجسٽر ڪندو، بل ۾ ٻه نيون شقون 14 اي سي ۽ 14 اي ڊي به شامل ڪيون ويون آهن، نان فائلرز ۽ رجسٽريشن کان پاسو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، 14 اي سي تحت ڪمشنر کي اختيار حاصل هوندو ته هو ڪنهن به غير رجسٽرڊ ماڻهو جي بينڪ اڪائونٽس کي لکت واري حڪم نامي جي ذريعي بند ڪرائي سگهي ٿو.