ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر چيو آھي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سنڌ جي صنعتي ادارن کان 22 ارب رپيا وصول ڪيا آھن، اسان وزير اعظم آڏو انهي رقم جي واپسي وارو مامرو رکيو آھي ته سنڌ جي اھا رقم صوبائي حڪومت کي جلد ڏني وڃي، ڪالهه  وزيراعليٰ ھائوس ۾ سنڌ روينيو بورڊ (ايس بي آر) بابت ٿيل اجلاس ۾ ايس بي آر جي  چيئرمين واصف ميمڻ ورڪرز ويلفيئر ۽ پارٽيسپيشن فنڊ بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته ايس بي آر 5200 صنعتڪارن کي ورڪرز ويلفيئر ۽ پارٽيسپيشن فنڊز جاري ڪيا. اسان ورڪرز ويلفيئر فنڊ جي مد ۾ 527 صنعتي ادان کان 7.562 ارب رپيا وصول ڪيا، جيڪي گذريل سال کان 35 سيڪڙو وڌيڪ آھن. اسان ورڪرز ويلفيئر فنڊز جي مد ۾ 40 ارب رپين جي وصولين لاءِ 267 شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيا آھن. 40 ارب رپين جي وصولين جي حوالي سان  صنعتي ادارن جا سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ 6.1 ارب رپيا جمع پڻ ٿيل آھن. جنهن تي نگران وڏي وزير ايڊووڪيٽ جنرل کي مختلف مدن ۾ عدالتن پاران گڏ ڪيل 31 ارب رپين جي وصوليءَ لاءِ ھدايت جاري ڪري ڇڏي. ايس بي آر  چيئرمين  موجب نگران وڏي وزير جي ھدايت تي مختلف ادارن کي 27 ارب رپين جي وصولين لاءِ 303 شارٽ پيمنٽ نوٽيس پڻ جاري ڪيا آھن. 80 ادارن کان بينڪ ذريعي وصولين لاءِ اسيسمنٽ آرڊر پاس ڪيا ويا آھن. ورڪرز ويلفيئر ۽ ورڪرز پارٽيسپيشن جي وصولين لاءِ ايس بي آر ڀرپور ڪوشش ڪري رھيو آھي. ھلندڙ مالي سال جي پھرين ڇھن مهينن ۾ 6.3 ارب رپين جو ھدف مقرر ڪيو ويو ھو، جڏھن تھ ايس بي آر 7.562 ارب رپيا يعني مقرر ڪيل ھدف کان 1.262 ارب رپيا وڌيڪ حاصل ڪيا، اجلاس ۾ ڳالهائيندي  نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته ايف بي آر سنڌ جي صنعتي ادارن کان 22 ارب رپيا وصول ڪيا آھن، اسان اها رقم  حاصل ڪرڻ لاءِ مامرو وزير اعظم آڏو رکيو آھي ته  سنڌ جي اھا رقم صوبائي حڪومت کي جلد ڏني وڃي. هن چيو ته اها رقم مزدورن جي ڀلائي تي خرچ ٿيندي.