ڪراچي(ڪامرس نيوز) سائيٽ ايسوسيئيشن ڪراچي جي صدر احمدعظيم علوي ايف بي آر جي آن لائن سسسٽم ۾ مسئلن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس ڏيندڙن کي هن سسٽم مان مسئلا آهن، ايچ ايس ڪوڊ نظام ۾ تبديلين، ماپ جا يونٽ رد ٿيڻ ۽ انيڪسز اپلوڊ ڪرڻ ۾ مسئلا آهن جنهن سبب ٽيڪس ڏيندڙ ماهوار ٽيڪس گوشوارا وقت تي ڀري نه پيا سگهن. هن چيو ته اوچتو 8 انگن وارو ايچ ايس ڪوڊ لاڳو ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري پوري سپلاءِ چين گوشوارا جمع نه ڪرايا آهن. صورتحال جو فوري طور جائزو وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي.