اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر جي آفيسرن جي گريڊ 21 کان 22 ۾ ترقي لاءِ قائم سليڪشن بورڊ بحال، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف بي آر جي وڪيل جي استدعا منظور ڪندي حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو، سليڪشن بورڊ کي هڪ مهيني ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان گذريل ٻڌڻيءَ جي لکت ۾ جاري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته منع نامي واري حڪم سبب هاءِ پاور سليڪشن بورڊ جي ڪارروائي جيڪا عارضي طور تي معطل هئي اُن کي بحال ڪيو وڃي. هاءِ پاور سليڪشن بورڊ پنهنجو ڪم جاري رکي ۽ هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪري. ايف بي آر مطابق موجوده سائيڪل ۾ درخواست گذار جي ترقي متاثر نه ٿيندي. هاءِ پاور سليڪشن بورڊ کي ڪم روڪڻ لاءِ منع نامي وارو حڪم برقرار رکڻ جي ضرورت ناهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.