وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ٽِڪ ٽاڪر حريم شاهه خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
ايف آءِ اي عملدارن برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ نيشنل ڪرائم ايجنسي کان ڪارروائي جي درخواست ڪئي وئي آهي
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيوز ۾ حريم شاهه پاڻ برطانيا ۾ وڏي رقم منتقل ڪرڻ جو اعتراف ڪري رهي آهي
دنیا کو قیادت، فراست، سفارت وغیرہ پر بے مغز لیکچر دینے والوں کے لئے یہ وڈیو ہی کافی ہے۔ یہ ہے اس نظام کی اصل وقعت! pic.twitter.com/53JAQrChls
— Syed Talat Hussain (@TalatHussain12) January 12, 2022
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ حريم شاهه جو چوڻ هو ته مون کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، پهريون ڀيرو برطانيا پاڪستان مان ايتري وڏي رقم آڻي رهيو آهي، پاڪستاني رقم ۽ پاسپورٽ سميت ڪنھن بھ شئي جي حيثيت ناھي
حريم شاهه پنهنجي فالوور کي اهو به چيو ته اوهان رقم کڻي اچڻ وقت خيال ڪجو ڇو ته پڪڙيو وٺن، مون کي ڪنهن به ڪجهه نه چيو ۽ چئي به نه ٿي سگهي، مان آساني سان ۽ محفوظ طريقي سان پهچي ويس
حريم شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪرنسي ۽ پاسپورٽ وڌائڻ جو واعدو ڪيو هو، حڪومت ڪجهه نه ڪري سگهي، اهي رڳو ڳالهيون ڪري سگهن ٿا، برطانيه ۾ ايتري ٿڌ آهي پر ڪو به فوت نه ٿيو، مري ۾ برسات ۽ برفباري سبب فوتگيون ٿيون
ياد رهي ته مني لانڊرنگ جاچ جون خبرون ميڊيا تي ڦهلجڻ کانپوءِ حريم شاهه پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان وڊيوز ڊيليٽ ڪري ڇڏيون
ھي بھ پڙھندا
هيڪرز جي مدد سان اعليٰ ۽ سياسي شخصيتن جا موبائل نمبر حاصل ڪيا: حريم شاهه