اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توشا خانه 2 ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ايف آءِ اي پاران بشريٰ بي بي جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. ايف آءِ اي پاران عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته مسلسل غير حاضري تي بشريٰ بي بي جي ضمانت رد ڪئي وڃي. ايف آءِ اي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت حڪم ۾ لکيو ته بشريٰ بي بي ضمانت جو غلط استعمال نه ڪندي، بشرا بي بي ضمانت ملڻ بعد اڪثر ٻڌڻين ۾ پيش نه ٿيندي آهي، استدعا آهي ته بشريٰ بي بي جي ضمانت رد ڪئي وڃي.