حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد سيپڪو مورو جي ميٽر سپروائيزر جي ضمانت واري درخواست تي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر کي ذاتي حيثيت ۾ اڄ طلب ڪري ورتو آهي. ميٽر سپروائيزر غلام مصطفيٰ لنڊ پنھنجي وڪيل الطاف سچل اعواڻ معرفت سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن جي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل سنگل بئنچ ڪئي. ان موقعي تي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي جيڪا جاچ ڪئي آھي ان موجب جوابدار تي الزام  ثابت نه ٿو ٿئي جنهن تي عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته توھان ايف آءِ اي وارا ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪيو ٿا جنھن تي سپريم ڪورٽ به ايف آءِ اي تي ڏنڊ لڳايو ھو، ڇو نه ھي ڪورٽ به توھان تي ڏنڊ لڳائي، توھان پراپر طريقي سان جاچ نه پيا ڪيو، بي گناھ ماڻھن کي ٻڌو پيا. عدالت جي سوالن تي ايف آءِ اي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جواب نه ڏئي سگھيو، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر کي ذاتي حيثيت ۾ سڀاڻي (اڄ) 11 وڳي طلب ڪري ورتو.