حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد ۾ هڪ ڏينهن اڳ ايف آءِ اي پاران مني لانڊرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار 4 ڄڻن جي گرفتاري اڃا تائين ظاهر ناهي ڪئي وئي جڏهن ته ذريعن پاران تصديق ڪئي پئي وڃي ته گرفتار ٿيلن جي قبضي مان ايف آءِ اي ٽيم کي 35 ملڪن جي غير ملڪي ڪرنسي ملي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ايف آءِ اي غيرقانوني طور ڊالر ۽ هنڊي جو ڪاروبار ڪرڻ جي الزام هيٺ عامر نالي شخص جي گهر تي ڇاپو هنيو. لطيف آباد يونٽ نمبر 7 جي مهراڻ آرٽ ڪائونسل ڀرسان ڇاپي دوران پوليس اقبال، عامر، رزاق ۽ تنظيم خان سميت 4 ڄڻا گرفتار ڪيا هئا. ايف آءِ اي اها ڪارروائي 11 ۽ 12 سيپٽمبر جي وچ واري رات دير سان ڪئي ۽ ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل چئني ڄڻن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو جڏهن ته گرفتار ٿيلن جي گهر مان هٿ آيل غير ملڪي ڪرنسي ۽ ٻي ماليت به ايف آءِ اي جي ٽيم پاڻ سان گڏ کڻي وئي هئي. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار عامر چاندني مارڪيٽ ۾ مني ايڪسچينج جو ڪاروبار ڪري ٿو. سندس ڇاپي دوران گهران ۽ مني ايڪسچينج مان هٿ ڪيل غير ملڪي ڪرنسي ۽ آمريڪي ڊالرز بابت في الحال هو ڪجهه به نٿا ٻڌائي سگهن.