حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ سيپڪو مورو جي ميٽر سپروائيزر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ميٽر سپروائيزر غلام مصطفيٰ لنڊ پنھنجي وڪيل الطاف سچل اعواڻ معرفت سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ھئي. جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي. وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ايف آءِ اي جيڪا جاچ ڪئي آھي ان موجب جوابدار تي الزام ثابت نه ٿو ٿئي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته توھان جا جاچ آفيسر نااھل آھن، ايف آءِ اي جو سٺو اسڪوپ آھي پر انھن کي جاچ وڌيڪ آھي، اسان سوال پيا پڇون ته جاچ آفيسر وٽ جواب ئي نه ھو. توھان جا جاچ آفيسر نااھل آھن، نه انھن کي قانون جي خبر آھي ۽ نه ئي وري پوري انويسٽيگيشن ڪري ڪو پيپر عدالت ۾ پيش ڪن ٿا جنهن تي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي عدالت کي آگاهي ڏني ته مان پاڻ ان کي سپروائيزر ڪندس ان ۾ جيڪي گھٽتايون ھونديون اھي پوريون ڪيون وينديون.عدالت رمارڪس ۾ چيو ته توھان جي اچڻ جي ڪري جاچ آفيسر کي معاف ڪيون ٿا. ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳرائڻ ۾ ايس ڊي او به ملوث ھوندا آھن. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.