لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان کي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدارت ملي وئي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ورچوئل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي شرڪت ڪئي. ذريعن موجب، اي سي سي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان کي صدارت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ايندڙ مدي لاءِ اي سي سي جي صدارت پاڪستان وٽ هوندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو ايندڙ صدر هوندو، ان حوالي سان ڪائونسل باظابطا طور اعلان جاري ڪندي.