ڪوالالمپور (اسپورٽس نيوز) ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستاني وومين ٽيم زبردست ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مالديپ کي 39 جي مقابلي ۾ 49 گولن تان شڪست ڏيندي ٽورنامينٽ ۾ پنجين ڪاميابي ماڻي ورتي.چيمپيئن شپ ۾ ٽيمون رينڪنگ جي بنياد تي ٻن گروپن ۾ ورهايون ويون، جتي پاڪستان پول بي ۾ 10 پوائنٽن سان سرفهرست آهي. پاڪستان هاڻ سيمي فائنل پنهنجي ئي گروپ جي چوٿين پوزيشن تي موجود جپان خلاف کيڏندو.