اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي ڇوڪرين جي نيٽ بال ٽيم کي ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ جي پليٽ ڊويزن ڪپ فائنل ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ان حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته، “شاباش، پاڪستان ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي آهي. هي پاڪستان لاءِ فخر جو لمحو ۽ عورتن جي راندين ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.” وزيراعظم چيو ته مان پوري ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهڻ تي ٽيم جي خاص تعريف ڪرڻ چاهيان ٿو. ياد رهي ته پاڪستان اڄ ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ مالديپ کي شڪست ڏئي پليٽ گروپ جو ٽائيٽل کٽيو.