لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي 18 رڪني جونيئر هاڪي ٽيم ايشين جونيئر ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ عمان جي شهر مسقط رواني ٿي وئي آهي، عمان جي گادي واري هنڌ مسقط ۾ 26 نومبر کان 4 ڊسمبر 2024 تائين شيڊول 10 ٽيمن جي ايونٽ کي عالمي جونيئر ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ جي ڪواليفائنگ رائونڊ جي حيثيت حاصل آهي، پهريون 6 پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمون ايف آءِ ايف تحت ايندڙ سال ٿيندڙ عالمي جونيئر ڪپ ۾ شرڪت ڪري سگهنديون، ايشين جونيئر ڪپ لاءِ قومي جونيئر اسڪواڊ جي قيادت عبدالحنان ڪري رهيو آهي، انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن جو رائزنگ اسٽار ايوارڊ کٽندڙ پهريون پاڪستاني رانديگر سفيان خان نائب ڪپتان آهي، قومي جونيئر هاڪي اسڪواڊ فيضان جنجوعه، علي رضا (گول ڪيپرز)، سفيان خان، عقيل احمد، بلال اسلم، نديم خان، محمد زين، وسيم، سميع (ڊفينڊرز)، ذڪريا حيات، محمد احمد مدي، عبدالحنان شاهد (مڊ ڊفينڊر)، مغيره، رانا وليد، حمزه فياض، بشارت، قيوم ڊوگر ۽ سيف الله (فارورڊز) تي مشتمل آهي، اولمپئن قمر ابراهيم هيڊ ڪوچ، اولمپئن ڪامران اشرف ڪوچ، اجمل خان مينيجر ۽ ابو ذر ويڊيو اينالنسٽ آهن
، ايشين جونيئر ڪپ ۾ شريڪ 10 ٽيمن کي ٻن گروپس ۾ ورهايو ويو آهي\