ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ڪپتان ظهير عباس ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو. فيملي ذريعن موجب اڳوڻو ڪپتان ظهير عباس لنڊن وڃڻ دوران دبئي ۾ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو، ظهير عباس لنڊن پهتو ته کيس نمونيا ۽ گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو، اڳوڻي ڪپتان ظهير عباس کي لنڊن جي اسپتال ۾ آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو، اڳوڻو ڪپتان  ظهير عباس 3 ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ظهير عباس ٽن ڏينهن بعد ڌيءُ سان اشارن ۾ ڳالهايو، خانداني ذريعن موجب ظهير عباس ڊائلاسز تي آهي، ڪمزوري اٿس ۽ سندس ملاقات تي به پابندي آهي.