ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ۾ اڄ به آرام جو ڏينهن آهي. جڏهن ته ڇنڇر جي ڏينهن ڪولمبو ۾ بنگلاديش ۽ سري لنڪا وچ ۾ مقابلو شيڊول آهي. آچر تي پاڪستان جو مقابلو ڀارت سان ٿيندو. سومر تي وري وقفو هوندو. اڱاري تي ڀارت جو مقابلو سري لنڪا سان ٿيندو. 13 سيپٽمبر اربع تي وري وقفو هوندو ۽ 14 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ سري لنڪا وچ ۾ ميچ کيڏي ويندي. 15 سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن ڀارت ۽ بنگلاديش مقابلو ڪندا. فائنل 17 سيپٽمبر آچر جي ڏينهن کيڏيو ويندو.