اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال ٽيم جي عارضي اسڪواڊ جو اعلان ميانمار خلاف ايشين فٽبال ڪنفيڊريشن (اي ايف سي) جي ايشين ڪپ ڪواليفائر ميچ لاءِ ڪيو ويو آهي. پاڪستان فٽبال ٽيم 10 جون تي ٿيندڙ ميچ لاءِ 27 امڪاني رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڊينمارڪ ۾ کيڏندڙ فارورڊ علي حيدر شاهه ۽ اسڪاٽلينڊ ۾ کيڏندڙ ريان محمد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. محمد صدام، عمران ڪياني، عيسيٰ سليمان ۽ اوتيس خان کي پاڪستان فٽبال ٽيم جي عبوري اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. ڊفينڊر محب الله پاڪستان فٽبال اسڪواڊ ۾ واپس آيو آهي، جڏهن ته 3 گول ڪيپر يوسف اعجاز بٽ، ثاقب حنيف ۽ حسن علي شامل آهن. عبوري اسڪواڊ ۾ محافظ مامون موسيٰ، محمد فضل، وقار احتشام، عبدالرحمان، عمر حيات، عبدالله اقبال، حسيب احمد خان ۽ محب الله شامل آهن. پاڪستاني فٽبال ٽيم جي مڊفيلڊ لاءِ اسڪواڊ ۾ عالمگير غازي، هارون حامد، علي عزير، ياسر عرفات، معين احمد، عمر علي، عبدالصمد، راهس نبي ۽ زيد شاهه به شامل آهن. عبوري اسڪواڊ ۾ فارورڊز ۾ فريد الله، عديل يونس، ميڪائيل عبدالله، محمد وحيد، شائق دوسات، علي حيدر ۽ محمد ريان شامل آهن.